ڪراچي (اين اين آءِ) ڪيترن ئي سالن کان گم ٿيڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪيترن ئي سالن کان گم 7 ڄڻا گهر پهچي ويا، پوليس اختيارن ڪميشن ۾ رپورٽون جمع ڪرائي ڇڏيون، مسنگ پرسن ڪميشن ٻين گم ٿيل ماڻهن کي جلد بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڇنڇر تي ڪراچي ۾ مسنگ پرسن ڪميشن جو اجلاس جسٽس رٽائرڊ غوث احمد جي سربراهي ۾ ٿيو، پوليس اختيار مسنگ پرسن ڪميشن جي اڳيان رپورٽ جمع ڪرائي، رپورٽ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيترن ئي سالن کان گم 7 ڄڻا گهر پهچي ويا آهن، ڪراچي مان گم ٿيل 31 ڄڻن مان 7 بازياب ٿي ويا آهن جن ۾ ناصر شاهه، محمد نعيم،مرتضيٰ چانڊيو ۽ نعيم خورشيد به گهر پهچي ويا، ڪميشن 2009 کان گم ٿيل محمد نعيم الياس جي بازيابي جو ٽاسڪ صوبائي فورس کي ڏئي ڇڏيو، رينجرز اختيارن به پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته ماڻهن جو گم ٿيڻ جي معاملي سان ڪو به تعلق نه آهي، مسنگ پرسن ڪميشن ٻين ماڻهن کي جلد بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو معاملو يو اين او ۽ سماجي تنظيمن پاران کنيو ويو هو.
