حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سماجي تنظيم دي انٽر نيشنل هيومن رائٽس برائٽ فيوچر آرگنائيزيشن طرفان 6 سيپٽبر جي حوالي سان پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي وئي، ان دوران ممتاز سبزپوش، منور علي، محمد اسلم شورو ۽ ٻين چيو ته 6 سيپٽبر 1965 ۾ پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي ملڪ جو دفاع ڪيو، هنن چيو ته 1965 واري جنگ تاريخ رقم ڪئي، هنن چيو ته اڄ به ملڪ جا سپهه سالار اهو ئي جوش جذبو رکن ٿا، ملڪ جو عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي.
