حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڀرسان مکيه گيٽ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٺهندڙ روڊن جي تعميراتي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ ڪم جي معيار جو جائزو وٺندي انهن جي تڪڙي اُڪلاءَ جون هدايتون جاري ڪيون. ڊاڪٽر برفت چيو ته تعميراتي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.