حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي مان جبري طور برطرف ڪيل ملازم شفقت ڪنڌر نوڪري تي بحال نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو پنهنجو احتجاج جاري رکيو. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته مسلسل احتجاج باوجود ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪرپشن جي انتها لڳي پئي آهي، يونين اڳواڻ مور عباسي هڪ ئي وقت ڪيترائي عهدا پاڻ وٽ رکيو ويٺو آهي ۽ پنهنجي ساٿارين سميت اداري کي تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جيڪا ڳالهه نروار ڪرڻ تي مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا جبري طور رٽائر ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته نوڪري تي بحال ڪيو وڃي.
