حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، تنهن ڪري سنڌ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪرڻ فرض آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي بقا ۽ نجات سيد جي فڪر ۾ ئي آهي، سيد جي فڪر ۾ عالمي دنيا لاءِ پيار، امن ۽ رواداري جو پيغام به شامل آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عدم تشدد وارو رستو آهي جنهن رستي ذريعي اسان جي جدوجهد جاري رهندي،
