سانگهڙ(ڊ ر) پيرومل شهر جي بس اسٽينڊ تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هٿان نوجوان صلاح دين بگٽي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، صلاح دين بگٽي پنهنجي ننڊڙي پٽ سان گڏ پيرومل آيل هو پيرومل مان ٿي واپس وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن ڪري نوجوان صلاح دين بگٽي تڏي تي فوت ٿي ويو، اهڙي واقعي جي اطلاع تي پيرومل ٿاڻي جي پوليس ۴ ڪلاڪن کانپوءِ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سانگهڙ سول اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، قتل جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌائي پيو وڃي.
