حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) اسپيشل سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران سرڪاري ادارن ۾ معذورن جي مختص ڪيل 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي رفيق راجپوت ، فوزيه شاهد، شاهد غوري، بنش ناز ۽ ٻين جو چيو ته ھو وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن پاران سرڪاري ادارن ۾ معذورن لاءۡ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا مختص ٿيل آھي پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري معذور نوڪرين کان محروم آھن. هنن چيو ته صوبائي حڪومت هر ماڻھون لاءۡ نوڪرين جا دروازا کولي ڇڏيا آھن پر سندن بار بار احتجاج باوجود به کين نوڪريون نه ٿيون ڏنيون وڃن هنن سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين ڪوٽا تي عمل ڪندي فوري طور معذور ڪوٽا تحت کين نوڪريون ڏنيون وڃن.
