ٽنڊو محمد خان (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ اربين روپين جي هلندڙ ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪروڙين روپين جي گهوٻين جا انڪشاف ، پراونشل هاءِ ويز حيدرآباد پاران ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر هلندڙ روڊن جي تعميراتي ڪمن تي ڪروڙين روپيه ايڊوانس رقمون جاري ڪري ٺيڪيدارن ، چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل آفيسرن جا جاوا ڪري ڇڏيا ، تازو 27 مئي 2017 تي پ پ جي قومي اسميبلي ۾ پارلياماني ليڊر ايم اين اي سيد نويد قمر بلڙي شاھ ڪريم جي ايم پي اي عبدالڪريم سومرو سان گڏجي حيدرآباد سجاول رنگ روڊ ، باءِ پاس روڊ جي تعميراتي ڪم جو افتتاح ڪيو ، مذڪوره روڊ تقريبن ساڍا 3 ڪلوميٽرن تي مشتمل رنگ روڊ جي تعمير تي اٽڪل 50 ڪروڙ روپيه رقم مختص ڪئي ويئي ۽ هي رنگ روڊ 12 مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو پر 5 مهينا گذرڻ باوجود باءِ پاس رنگ روڊ جو تعميراتي ڪم هاءِ ويز کاتي جي نااهلي جي ڪري شروع نه ٿي سگهيو آهي ، ٻن ڪوارٽرن دوران 3-3 ڪروڙ روپيه بجيٽ پڻ رليز ڪئي ويئي ، جنهن تي پروانشل هاءِ ويز ڊپارٽمينٽ حيدرآباد جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ اسسٽنٽ انجنيئر انور کوسو جي ملي ڀڳت سان ميسرز فضل اينڊ برادرس جي ڪمپني جي ٺيڪيدار کي موبيلائيزيشن جي مد ۾ 3 ڪروڙ 10 لک روپيه جي ڪثير رقم ايڊوانس طور جاري ڪري مقامي سياستدانن ۽ ڪامورن ۾ مال غنيمت سمجهي تقسيم ڪئي ويئي ، جڏهن ته اسپاٽ تي ٽڪي جو به ڪم نه ڪيو ويو آهي ، هاءِ ويز جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ بئنڪ الحبيب پاران هڪ سادي ايگريمينٽ ڄاڻائي ان ۾ ميسرز فضل اينڊ برادرس گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر جي اڪائونٽ نمبر 5-01-000028-0081-1021 ۾ 3 ڪروڙ 10 لک روپيه موبيلائيزيشن جي مد ۾ بنيادي پيمينٽ واري رقم جاري ڪري ڇڏي آهي ، اهڙي ايگريمينٽ 8 جون 2017 تي ڪئي ويئي ، ضلعي ۾ هلندڙ سمورين ترقياتي اسڪيمن جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊپٽي ڪمشنر هوندو آهي ، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر آغا عبدالرحيم ۽ چونڊيل نمائندن جي مرضي سان اهڙي ايڊوانس رقم جاري ڪري حصا پتيون ڪئي ويئي آهي.