دير(ويب ڊيسڪ) اپر دير ۽ پسگردائي وارن علائقن م زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. خانگي ٽي وي چينل موجب اپر دير ۽ پسگردائيءَ وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 3.5 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته اونهائي 15 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز اپر دير شهر ويجهو هو.
