حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) عمر ڪوٽ جي ڳوٺ رامچند ڪولهي جي رهواسين بااثر ايم پي اي ۽ سندس ساٿين جي ظلمن ظلمن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان دوران احتجاج ڪندڙن بااثرن خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي رامچند ڪولهي ۽ ٻين ٻڌايو ته هو گذريل ڪيتري عرصي کان ڳوٺ لڳ هڪ سرڪاري ڀڏي تي پنهنجا گهر ٺاهي رهندڙ آهن، جڏهن ته علائقي جا علائقي جو بااثر ايم پي اي ۽ سندس ساٿي کين لڏائڻ لاءِ مختلف وقتن تي حملا ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائي تنگ ڪري گهرن کي باهيون ڏيڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.