حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان ڪلرڪس اسپيشل ايجوڪيشن طرفان ننڊن ملازمن جي جبري بدلين خلاف حيدرآباد جي او آر ڪالوني ۾ قائم هيڊ آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي سيد مظفر علي شاهه، سيد خدا بخش شاهه ۽ ٻين چيو ته اسپيشل ايجو ڪيشن جي ننڊن ملازمن کي تنگ ڪري جبري بدليون ڪيون پيو وڃن، جيڪو هڪ مذمت جوڳو عمل آهي، بدلين سبب ملازمن کي سخت تڪليفون درپيش آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جا بدلي ٿيل آرڊر واپس ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
