واشنگٽن (م ڊ) پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا چيو آهي ته پاڪستان خطي جي ترقي ۽ امن لاءِ آمريڪا سان پنهنجي ڊگهي عرصي تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي هو پنهنجي ست ۽ 8 مارچ تي ڪيل آمريڪا جي دوري دوران نائب آمريڪي پرڏيهي وزير جان سلوين ۽ وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي نائب صلاحڪار نيشنل سيڪيورٽي ڊاڪٽر ناديه سچدلو سان ملاقاتن دوران ڳالهيون ڪري رهي هئي تهمينه جنجوعا آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف پيس ۾ ڏکڻ ايشيا بابت ماهرن ۽ آمريڪي ميڊيا جي نمائندن سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون ۽ چيو ته گڏيل سهڪار تي ٻڌل مضبوط پاڪ آمريڪا لاڳاپا خطي جي سمورن مسئلن جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيندا.