ٽنڊو رحيم خان (رپورٽر) ڪاڇي ۾ پوليس جي آشيرواد سان ڄار، ٻٻر، ڪنڊي ۽ لئي سميت قيمتي وڻن جي واڍي جاري آھي، واپارين پاران هر ٽريڪٽر ٽرالي تي حد جي پوليس کي رشوت ڏيڻ سبب پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي ۽ واپارين کي آزادي مليل آھي، جنهن ڪري واپاري ٽنڊورحيم خان، گاجي شاھه، ٽوڙي، مراد جمالي، ڳوٺ حمزو خان، کنڌاني ۽ خير محمد ملوکاڻي جي علائقن مان روزانو 10 کان 20 ٽريڪٽر ٽراليون لوڊ ڪرائي روانيون ڪن ٿا، جيڪي دادو، جوهي ۽ ڀان سعيد آباد سميت مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، پر وڻن جي سرعام واڍي ڪرائيندڙ واپارين خلاف انتظاميا ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، وڻن جي ڪٽائي کي ڪاڇي واسين ۽ واپارين پنهنجو روزگار بڻائي ڇڏيو آھي، وڻن جي تيزي سان ڪٽائي سبب ڪاڇي مان وڻ ختم ٿي رهيا آھن، شهر جي سياسي سماجي ورڪرن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪاٺ جي واپارين خلاف ڪارروائي ڪري وڻن جي ڪٽائي فوري طور بند ڪئي وڃي.