ميرپورخاص (م ڊ) نجي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي پنجاب واسڻ جو هاسٽل مان ڪريل پراسرار حالت ۾ لاش هٿ . آپگھات جو شڪ . خبر موجب گذريل ڏينهن صبح جو ڍولڻ آباد ميرپورخاص ۾ هڪ نجي ڊينٽل ۽ ميڊيڪل ڪاليج جي خانگي هاسٽل ۾ رهندڙ پنجاب جي علائقي خانپور جي رهواسڻ فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي زهريش ڌي ذوالفقار علي انصاري جو لاش هاسٽل هيٺان پراسرار حالت ۾ مليو پاڙي وارن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش سول اسپتال ميرپورخاص آندو . جتي ڇوڪري جي سڃاڻپ نجي ڊينٽل ۽ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي زهريش ڌي ذوالفقار علي انصاري رهندڙ خانپور پنجاب طور ٿي جيڪا مٿي هاسٽل ۾ رهندڙ هئي . پوليس شاگردياڻي سان گڏ هاسٽل ۾ رهندڙ سندس ساٿي شاگردياڻين هاسٽل جي بورچي . چوڪيدار سميت موبائل فون جي ڊيٽا آڌار مختلف شڪي ماڻهن کي طلب ڪري جاچ جو عمل شروع ڪيو آهي ۽ پنجاب ۾ وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي جيڪي ميرپورخاص لاءِ روانه ٿيا آهن حاصل ڄاڻ موجب واقعي واري هنڌ هاسٽل جي هڪ ڪمري جي دري جي ڄاري به ٽٽل آهي ۽ هڪ ڇپري تي به ڪجھ رت وارا نشان مليا آهن ۽ واقعو معمو بنيل آهي حد جي پوليس موجب جاچ ڪئي پئي وڃي پر في الحال قتل يا آپگھات جو واقعو چوڻ وقت کان اڳ آهي مڪمل جاچ بعد ئي پتو پوندو . پوليس موجب فوتڻ جي موبائل نمبر مان مليل ڪجھ ڪالز جي رڪارڊ کي چيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ سندس سامان مان ڪجهه دوائون ۽ خواب واريون گوريون به مليون آهن ۽ هاسٽل جي ڇت تي هڪ ڪاٺ جي سيڙهي لڳل آهي جنهن سيڙهي وٽ فوتڻ جي چمپل به پيل حالت ۾ ملي آهي جڏهن ته واقعي واري هنڌ هڪ نجي دڪان ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا به لڳل آهن پر دڪان مالڪ موجب اهي ڪيمرا ڪجھ ڏينهن کان خراب پيل هئا . واقعي جي جاچ لاءِ اي ايس پي سٽي حسن جاويد ڀٽي جي نگراني ۾ غريب آباد پوليس . ٽائون پوليس ۽ سي آءِ اي پوليس جا عملدار جاچ ۾ رڌل آهن ۽ هاسٽل جي شاگردياڻي ڪاليج جي شاگردن . ملازمن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر اڃا واقعي جو ڪو به هيٺ ڪريل حالت ۾ پيل هئي ۽ سندس ڪنڌ وارو حصو گٽر نالي اندر ۽ باقي ڌڙ ٻاهر گلي ۾ پيل هو ۽ نماز پڙهي موٽيندڙ پاڙي وارن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد هاسٽل ۾ رهندڙ سندس ساٿي شاگردياڻين کي واقعي جو علم ٿيو.
