ڪراچي (بيورو رپورٽر ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان اعلان ڪيو آهي ته رجب المرجب 1439هه جو چنڊ ڏسڻ جي ڏس ۾ شرعي فيصلو ڪرڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽِي جو اجلاس (اڄ) آچر تي عصر جي نماز بعد موسميات کاتي جي آفيس (ميٽ ڪامپليڪس) موسميات چورنگي يونيورسٽي روڊ ڪراچي ۾ ٿيندو. چنڊ بابت شاهديون ڏيڻ يا معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ هنن نمبرن 2484604-0321 ،9285203-0300 ،99261403، 99261404 021 تي رابطو قائم ڪري سگهجي ٿو.