ممبئي(م ڊ) بالي ووڊ اداڪاره ايشوريا راءِ بچن فلم انڊسٽري ۾ 20 ڪامياب سال مڪمل ڪري ورتا. ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪاره ايشوريا راءِ بچن 1994ع ۾ 23 سالن جي عمر ۾ مس ورلڊ جو خطاب کٽي ورتو جنهن بعد هن 1997ع ۾ پنهنجي پهرين تامل فلم ”ايروور” کان اداڪاري جي شروعات ڪئي جڏهن ته سندس پهرين هندي فلم ”اور پيار هوگيا” هئي پر 1998ع ۾ سندس هڪ ٻي تامل فلم ”بنيز” سندس پهرين ڪامياب فلم ثابت ٿي. 1999ع ۾ سندس سپرهٽ هندي فلم ” هم دل دي چڪي صنم” ۽ 2002ع ۾ فلم ”ديوداس“ ۾ سندس اداڪاري کي بي حد پسند ڪيو ويو جنهن بعد سندس ڪيترين ئي فلمن جي واکاڻ ٿي. سندس مشهور فلمن ۾ ”ڌ وم 2” بنٽي اور ببلي، محبتين، جوڌا اڪبر، اي دل هي مشڪل ۽ ٻيون شامل آهن.
