ڪراچي ( بيورو رپورٽ )سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران اخونزاده چٽان تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اهڙا بزدلانه حملا پيپلز پارٽي جي جيالن کي ڊيڄاري نه ٿا سگهن. هن چيو ته اخونزاده چٽان جي گهر تي حملو ڪندڙجوابدارن کي فوري طور تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته مشڪل وقت ۾ پيپلز پارٽي اخونزاده چٽان سان گڏ آهي.
