اسلام آباد – 21 مارچ (م ڊ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قدرن تي ٻڌل تعليم جي فروغ کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته تعليم ۽ اخلاقيات جي وچ ۾ توازن اڻٽر آهي، اخلاقن ۽ قدرن تي ٻڌل فيصلا مضبوط ۽ بلند حوصلي جو سبب هوندا آهن، اسان سياسي ۽ جمهوري قدرن تي عملدرآمد ڪندي اخلاقي بنيادن تي فيصلا ڪندا آهيون، جنهن سان ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ هڪ نجي اسڪول جي اهتمام هيٺ ”قدرن تي ٻڌل تعليم“ جي باري ۾ ڪانفرنس 2018ع کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻين به ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي ڪانفرنس جو انعقاد اهم قدم آهي قدرن تي ٻڌل تعليم وقت جي ضرورت آهي، اسان گهڻو ڪري اخلاقيات ۽ قدرن تي ٻڌل فيصلا ڪندا آهيون، جنهن سان حڪومت جو مورال بلند ٿيندو آهي ۽ بلند حوصلي تي ٻڌل حڪومت ئي ڪامياب ٿيندي آهي، هن چيو ته قدرن تي عملدرآمد سان سياسي ڪاميابي ملندي آهي ان لاءِ اسان سياسي ۽ جمهوري قدرن تي عملدرآمد ڪندا آهيون ۽ اخلاقي بنيادن تي فيصلا ڪندا آهيون، وزيراعظم چيو ته جيتوڻيڪ ٽاڪ شو ۾ ڪڏهن ڪڏهن قدرن جو خيال نه رکيو ويندو آهي، ان ڏس ۾ ذميداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته تعليم ۽ اخلاقيات جي وچ ۾ به توازن نه آهي، قدرن تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ تمام مشڪل فيصلو هوندو آهي، پر جيڪڏهن توهان ڪو مشڪل فيصلو ڪندا آهيو ۽ اهو قدرن تي ٻڌل هوندو آهي ته هو مضبوط هوندو آهي ۽ ان سان ڊگهي مدي وارا مفاد حاصل ٿيندا آهن، هن چيو ته ڊگهي مدي واري فيصلا ڏسڻ ۾ وڌيڪ مقبول ناهن هوندا پر هو وڌيڪ مضبوط ضرور هوندا آهن. هن چيو ته استادن ۽ والدين کي شاگردن ۾ معاشرتي قدرن جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ان موقعي تي سٽي اسڪول نيٽ ورڪ ۽ وزيراعظم آفيس جي وچ ۾ وزيراعظم يوٿ ڪنيڪٽ پروگرام تحت تعليم جي فروغ لاءِ هڪ قرارداد تي صحيح به ڪئي وئي، وزيراعظم آفيس پاران وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ۽ سٽي اسڪول پاران چيف آپريٽنگ آفيسر شهزاد خان قرارداد تي صحيحون ڪيون ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به موجود هو. ان کان اڳ سٽي اسڪول نيٽ ورڪ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فرزانه فيروز به تقريب کي خطاب ڪيو.
