اسلام آباد (م ڊ) صدر ممنون حسين ايئر چيف مجاهد انور خان کي نشان امتياز ملٽري عطا ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ هڪ پروقار تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان کي پاڪ فضائيه جي ڪمان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. تقريب کانپوءِ صدر سان پاڪ فضائيه جي سربراهه ڌار ملاقات ڪئي، ان موقعي تي صدر اميد جو اظهار ڪيو ته ان جي قيادت ۾ پاڪ فضائيه جي معيار ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، تقريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين، سيفران واري وزير ليفٽننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي سربراهه جنرل زبير محمود حيات ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.