اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ رحمان ملڪ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي پ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌني ٿي ٻڌڻي شروع ٿي ته رحمان ملڪ جي وڪيل لطيف کوسا موقف اختيار ڪيو ته توهين عدالت ڪيس جو فيصلو انٽرا ڪورٽ اپيل کان پوءِ رد ٿي چڪو آهي انٽرا ڪورٽ اپيل کان پوءِ توهين عدالت جو معاملو غير موثر ٿي چڪو آهي ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻن هفتن ۾ اهڙا ڪيس ڏسڻ لاءِ ملندا جن کي ڪڏهن به هٿ ناهي لڳايو لطيف کوسه چيو ته هي خدائي خدمتگار اهڙيون درخواستون داخل ڪندا رهندا آهن ان تي چيف جسٽس چيو ته خدائي خدمتگارن جون 55 درخواستون چيمبر ۾ رد ڪري چڪو آهيان عدالت لطيف کوسه جي دليلن کان پوءِ رحمان ملڪ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي درخواست رد ٿيڻ تي رحمان ملڪ چيو ته عدالت جو ٿورائتو آهيان جو معاملو هن ختم ڪري ڇڏيو.