حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي رڳو ڪمپيوٽر يا موبائل تي ڪيل ڳالهين جي ڪري کنڀا ويا آهن، پيپلز پارٽي موجوده بلدياتي نظام کي استحصالي هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي، وڏيرن کي طاقتور بڻايو ويو آهي، وڏيرن جي کيسي ۾ سڄي سنڌ حڪومت جي بجيٽ هلي وڃي، ان کان بهتر آهي ته اهو سنڌ جي ماڻهن جي کيسي ۾ وڃي، اسان کي ٻاهرين دشمنن کان وڌيڪ گهر جو دشمن ڏکيو ٿي رهيو آهي، سنڌ جا اديب ۽ سول سوسائٽي ڪرپشن تي قلم کڻي، هن نظام اسان جي سماج کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻهراڙي واري نظام ۾ وڏيرو طاقتور آهي، جڏهن ته جيترو شهري سماج وڌندو اوتري ئي ماڻهن ۾ سجاڳي به ايندي، سنڌ کي مصروف رکڻ لاءِ پ پ کي اقتدار ملي ٿو، پيپلز پارٽي پنهنجي ذاتي مفادن کي بچائڻ لاءِ قومي مفادن کي قربان ڪندي آهي، سنڌ جي قومي مفادن کي نئين سري سان ترتيب ڏيڻ گهرجي، پاڪستان جي فيڊريشن ۾ قومي مفادن جو تعين ڪرڻو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي موجوده جاگرافي، سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي کي سڀ کان اهم سمجهون ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران قاسم آباد ۾ حيدرآباد جي معززين، سول سوسائٽي، مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻهن ۽ سياسي ڪارڪنن جي مان ۾ ڏنل عيد ملن پارٽيءَ کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته اسان تي قدرت جو هٿ آهي، ڪنهن جي آشرواد جي اسان کي ضرورت ناهي، سنڌ کي هن وقت جيڪو سياسي نظام مليل آهي اهو اتفاقيه ناهي، هن چيو ته آدمشماري وارو معاملو سي سي آءِ ۾ اٿارڻ جي بدران بين الصوبائي جهڙي واندي کاتي ڏيڻ سنڌ حڪومت جي غير سنجيدگي جو مظاهرو آهي، ان دوران ايس يو پي جي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙي، ايس يو پي جي نائب صدر ڊاڪٽر دودو مهيري، ايس يو پي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ادريس چانڊيو، نامياري دانشور انعام شيخ، سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ، ايس يو پي ضلعي حيدرآباد جي صدر منور خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.