ممبئي(م ڊ) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا ممبئي واپس اچڻ کانپوءِ بيمار ٿي پئي. ڀارتي ميڊيا موجب پريانڪا چوپڙا پنهنجي ماءُ سان گڏ تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي چيو ته توهان جڏهن بيمار ٿيندا آهيو ته توهان ٻين جي ويجهو ٿي ويندا آهيو. پريانڪا چوپڙا آمريڪي سيريز ”ڪوانٽيڪو 3“ جي شوٽنگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڀارت جي پهرين عورت خلاباز ڪلپنا چاولا جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم جي شوٽنگ لاءِ ممبئي واپس اچڻ کانپوءِ بيمار ٿي وئي آهي. فلم جو نالو اڃا ناهي رکيو ويو، جنهن جي شوٽنگ ايندڙ مهيني شروع ڪئي ويندي.
