ڪراچي (م ڊ) مشهور پاڪستاني اداڪاره ماهرن خان انڪشاف ڪيو ته بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ ڪڏهن به ان جو مقصد نه هو ۽ هو صرف پاڪستان تي ئي ڌيان رکڻ پسند ڪندي هئي خيال رهي ته ماهره خان کي ڊيويو بالي ووڊ فلم رئيس گذريل سال جنوري ۾ ان وقت رئيس ٿي هئي جڏهن 2016 جي آخري ٽه ماهي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي چڪي هئي پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ماهره خان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جي اثر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي رئيس کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ جي اجازت نه ملي هئي جڏهن ته ماهره خان ڀارت ۾ به ان جي پروموشن جو حصو نه بڻجي سگهي هئي ان وقت مان ڪاوڙ ۾ هيس مان اداس ۽ پريشان هيس ۽ اهي تڪليف ڏيندڙ گهڙيون هيون پوءِ مان اهڙي هنڌ تي پهچي ويس جتي منهنجو مڃڻ هو ته ڪاوڙ مون کي بهتر اداڪار نٿي بڻائي سگهي ان سان فرد طور مون کي ڪجهه نه ملندو ته پوءِ مان ان کي درگزر ڪري ڇڏيو ته جيئن اڳتي وڌي سگهان.