تهران(م ڊ)ايران چيو آهي ته ايٽمي معاهدي جي راه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا.ميڊيا رپورٽن مطابق ايران جي نائب پرڏيهي وزير ۽ سينيئر ايئٽم ڳالهيون ڪندڙ سيد عباس عراقچي چيو آهي.ايٽمي معاهدو هڪ سيڪورٽي معاهدو آهي،هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ان معاهدي جيڪڏهن ان معاهدي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا خراب نتيجا نڪرندا دنيا کي سخت نقصان ٿيندو.نائب پرڏيهي وزير چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان آمريڪي صدر ٽرمپ ان معاهدي کي سبوتازڪرڻ يا ان ۾ بهتري جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر هو ان ۾ ناڪام رهيو آهي،،هن چيو ته ٽرمپ يا ٻين ملڪن ان ايٽمي معاهدي جي خلاف ڪو فيصلو ڪيو ته اسن ان جو فوري طور تي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.ايراني عوام جي مفاد ن جو دفاع ڪنداسين.
