دبئي (م ڊ) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا مليل تڪراري فاسٽ بالر محمد آصف پنهنجي سزا ته پوري ڪري ورتي آهي جڏهن ته سندس ستارو اڃا به گردش ۾ نطر اچي رهيو آهي ۽ هو مسئلن کان ٻاهر نه پيو نڪري ميڊيا رپورٽ مطابق محمد آصف کي ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي ۾ ان وقت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن کيس دبئي ايئرپورٽ تان ڊي پورٽ ڪيو ويو ۽ هو ڪجهه ڪلاڪ ايئرپورٽ تي ايميگريشن عملدارن جي تحويل ۾ رهڻ کان پوءِ شارجا ۾ ٽيپ بال ٽورنامينٽ لاءِ بنا کيڏڻ جي وطن واپس اچي ويو واضح رهي ته محمد آصف 10 سال اڳ آخري دفعو دبئي ويو هو پراڻي ڪيس جي ڪري 10 سالن دوران ان گڏيل عرب اماراتن جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪيو هو ذريعن مطابق 2007 ۾ محمد آصف کي دبئي ايئرپورٽ کي ان وقت پوليس تحويل ۾ ورتو هو جڏهن ان جي کيسي مان منشيات نڪتي هئي محمد آصف آءِ پي ايل کيڏي وطن واپس اچي رهيو هو ته ان وقت تلاشي دوران ان جي کيسي مان چرس نڪتو هو ۽ هو ٻه هفتا دبئي پوليس جي تحويل ۾ رهيو. جڏهن ته ان وقت جي چيئرمين پي سي بي ڊاڪتر نسيم اشرف شاهي خاندان سان پنهنجي بهترين لاڳاپن جي ڪري کيس آزاد ڪرايو.
