اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ ۾ جديشل اين آر او ۽ نه ئي جديشل مارشل لا اچي رهيو آهي تنهنڪري ملڪ صرف آئين رهندو ۽ جمهوريت هوندي خميس تي سپريم ڪورٽ ۾ سي ڊي اي ۾ ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسرن بابت ڪيس جي ٻڌني ٿي جنهن دوران چيف جسٽس ۽ وڪيل نعيم بخاري وچ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي. چيف جسٽس نعيم بخاري کي چيو ته ٽي وي تي ويهي اوهان به گهڻيون ڳالهيون ڪيون ٿا عدليه تي جيڪا جائز تنقيد ڪرڻ گهرجي جائز تنقيد سان اسان جي اصلاح ٿيندي جيڪڏهن مان اڄ پابندي هڻي ڇڏيان ته ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪم بند ٿهي ويندو جسٽس ثاقب نثار چيو ته گذريل ڏينهن ڪنهن چيف جسٽس پاڪستان جي ڪراچي ۾ لڳل اشتهارن بابت ڳالهه ڪئي انهن کي اها خبر نه آهي ته مان پاڻ اهي اشتهار هٽائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي نعيم بخاري چيف جسٽس کي چيو ته جڊيسل مارشل لا بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان تي چيف جسٽس نعيم بخاري کان سوال ڪيو ته جڊيشل اين آر او ٿيندو ڇا آهي مان واضح ڪري ڇڏيان ڪجهه ناهي رهيو جسٽس ثاقب نثار چيو ته ملڪ ۾ جڊيسل اين آر او ۽ نه ئي جڊيشل مارشل لا اچي رهيو آهي ملڪ رڳو آئين رهندو ملڪ ۾ رڳو جمهوريت هوندي ٻيو ڪجهه نه رهندو. واضح رهي ته شيخ رشيد جڊيشل مارشل لا جي گهر ڪئي هئي جنهن تي کيس سياسي اڳواڻن پاران تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو جڏهن ته چيف جسٽس به پاڪستان ڏهاڙي تي تقريب ۾ چيو هو ته ملڪ ۾ جڊيشل مارشل لا جي ڪابه گنجائش نه آهي.