اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ چيو ته وزيراعظم سان ملاقات جي حوالي سان اسان ميٽنگ ۾ وڃايو ڪجهه نه آهي پر گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي آيل دانهن کڻي آيا هئا اسان ڪجهه ناهي ڏنو خميس تي سپريم ڪورٽ ۾ مري اڏاوت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دو0ران چسٽس ثاقب نثار وڪيل لطيف کوسه وچ ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات تي جملن جي ڏي وٺ ٿي چيف جسٽس چيو ته اوهان هن اداري ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ تي اعتماد ڪيو ڪڏهن به اوهان کي مايوس نه ڪندس لطيف کوسه چيو ته هي ته جسٽس عبدالرشيد واري صورتحال هئي جنهن تي چيف جستس چيو ته جسٽس عبدالرشيد کي گهرايو ويو هو پر هتي وزيراعظم مون وٽ پاڻ هلي آيو جڏهن مون کي گهرايو ويو ته مان نه ويس پر ان کي چيو ته هتي اچو روزانو ڪيترائي فريادي اچن ٿا ڪنهن کي نٿو روڪيا ڪنهن جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻجڻ گهرجي خبر نه آهي ته ڪنهن کي ڪهڙي تڪليف هجي هن چيو ته منهنجو ڪم فريادي جي فرياد ٻڌڻ آهي منهنجي ذميواري آهي ته ساحل جي تڪليف کي ٻڌان لطيف کوسه چيو ته ان کي جيڪا تڪليف اهي اها سڀني کي معلوم آهي واضح رهي ته ٻه ڏينهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ٻه ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ٿي هئي هي ملاقات وزيراعظم جي درخواست هيٺ ٿي هئي جنهن ۾ اهم معاملا بحث هيٺ آيا هئا.