ميرپورخاص (م ڊ) ميرپورخاص واسي پوليس تي مبينا طور 5 لک ڀتو گهرڻ جو الزام مڙهيو آهي . خبر موجب ميرپورخاص جي رهواسي ملڪ محمد فاروق پريس ڪلب ۾ تڪڙي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته شگرملز لڳ تعلقه ٿاڻي جي حد ۾ سندس فيڪٽري آهي جنهن ۾ اوجھڙي گڏ ڪري ڪڪڙن جي فيڊ پروٽين ۽ آئل ٺاهيو وڃي ٿو جيڪو ڪڪڙن جي فيڊ ۾ استعمال ٿيندو آهي. هن چيو ته 28 مارچ تي سنڌڙي جي ڊي ايس پي سڪندر علي ڀٽي پوليس اٽالن سميت فيڪٽري تي ڪاھه ڪري مينئجر اقبال آرائين، مستري غلام حسين ۽ ڊرائيور پرويز کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ پورهيتن جون پيتيون ٽوڙي انهن جا موبائل فون، هزارين رپيا رقم ۽ فيڪٽري مان جنريٽر، بيٽريون ۽ ٻيو سامان کڻڻ بعد ٻن ڏينهن تائين پوليس گرفتار ٿيلن کي ڦلهڏيون سنڌڙي ٿاڻن جي عمارت ۾ رکي تشدد ڪيو ۽ ملازم ڇڏڻ ۽ فيڪٽري هلائڻ لاءِ ڊي ايس پي مبينه 5 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو جيڪو نه ملڻ تي پوليس ٻن ڏينهن بعد ٽنهي ملازمن کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري فيڪٽري تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪڪڙن جي فيڊ پروٽين ٺاهڻ جو ڪم قانوني آهي ۽ عدالتن توڙي حڪومت جا اهڙا حڪم ۽ آرڊر به وٽن موجود آهن پر پوليس کين روزگار حاصل ڪرڻ نٿي ڏي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ کي انصاف جي اپيل ڪئي.
