ايڊيٽوريل پيج
ھلندڙ

حيرت جو ماڳ وجود آھي

سلام انڙ

اسان جي ڌرتي جنھن سج منڊل ۾ ھڪ ڀاتي آھي، سا اسان جي سج کان ماپ ۾ تيرنھن لک دفعا ننڍي آھي. اسان جو سج وري پنھنجي اٺن ئي ڀاتين (گرھن ۽ لڳ ڀڳ ڏھ لک پُڇڙ ۽ ٻرندڙ تارن سميت ) اسان جي ڪھڪشان کير ڌارا جو ھڪ ننڍو بنھ ننڍو جزو آھي. جيڪو لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ سالن ۾ کير ڌارا جي مرڪز جو پنھنجي سڄي ڪٽب سميت ڦيرو پورو ٿو ڪري.. ۽ پنھنجي وجود ۾ اچڻ کان ھيستائين ارڙھن کن ڦيرا پورا ڪيا اٿس..
اسانجي ڪھڪشان جي مرڪز ۾ سيجيٽيرس نالي بليڪ ھول آھي جيڪو اسان جي سج کان چاليھ لک دفعا مايي ۾ وڏو آھي، جنھن کي اسان جي سج منڊل وانگر لڳ ڀڳ ٻہ کان چار ارب اھڙا ٻيا سج منڊل بہ گردش ڪن پيا.
اسان کي ويجھي ۾ ويجھو جيڪو پاڙيسري سج منڊل آھي سو آھي سينچائري جيڪو سوا چار نوري سال پري آھي. يعني 42 کرب ڪلو ميٽر جي فاصلي تي…. سڀ کان تکو خلائي جھاز ھن وقت پارڪر آھي جيڪو اسان جي سج جو جائزو وٺي پيو ان جي رفتار ھڪ ڪلاڪ ۾ ست لک ڪلو ميٽر آھي. اھو ھيستائين سڀ کان تيز ترين خلائي جھاز آھي. ان کي اسان جي ويجھي سج منڊل سينچائري تائين پھچڻ ۾ 66 ھزار سال لڳندا…🙃
مطلب ڪم وار کان سنھي ۽ تلوار کان تکي وارو لڳو پيو آھي..
اسان جي ڪھڪشان جو مرڪز زمين کان ڇويھ ھزار نوري سال پري آھي ۽ کير ڌارا جي پنھنجي پکيڙ ڪل ھڪ لک نوري سالن تي آھي. يعني ان پارڪر جھاز کي ڏيڍ ڪروڙ سال لڳندا کير ڌارا کي ڏسڻ ۾ ھڪ پاسي کان ٻـئي پاسي تائين….
ترسو ! بيھو ! مٿي تي ھٿ ڏيڻ جو وارو اڳتي آھي.
اسان جي ڪھڪشان کير ڌار جنھن۾ اندازن ٻہ کان چاار ارب تائين سج منڊل آھن، تنھن جھڙيون ٻيون ڪھڪشائون مشاھدي ۾ ايندڙ ڪائنات ۾ لڳ ڀڳ ٻہ ارب آھن…
جيڪا ڪائنات ھيستائين مشاھدي ۾ اچي پئي سا فقط چار سيڪڙو آھي ۽ 92 ارب نوري سالن تائين پکڙيل آھي.
آخر ھيترو مادو ۽ خلا فقط اسان لاءِ آھي ؟ جواب آھي نہ! اھو سوال بہ اھم ناھي پر اصل سوال اھو آھي تہ آخر ھيترو مادو آيو ڪٿان آھي؟
مرشد آئين اسٽائين جو نسبتي نظريو ۽ ڪوانٽم جو عدم مان ذراتي اُڀار جو نظريو ھڪ ئي ڳالھ جي تصديق ٿا ڪن تہ اھو سمورو مادو ايٽم کان بہ ننڍي ذري جيڪو بي انتھا قوتن جو محرڪ ھو ان مان بگ بينگ يعني ڦھلاءُ ٿيو ھو لڳ ڀڳ تيرنھن ارب اسي ڪروڙ سال اڳ ۽ اڄ ڏينھن تائين ھر سيڪنڊ ۾ ڪائنات جون حدون پکڙجن پيون، سج ٺھن پيا، سجن جا ست اٺ قسم ھڪ مايي کان ٻي مايي ۾ تبديل پيا ٿين تہ ڪن مان وري بليڪ ھول پيا ٺھن…
ڪھڪشائن کي ڳُجھي توانائي ڌڪي پري پئي ڪري.. ڳُجهي توانائي ڪشش جي قانونن جو ضد آھي. لڳ ڀڳ ھر ڪائناتي لقاءَ جو ضد مشاھدي ۾ اچي پيو. اليڪٽران جو ضد پوزيٽران بہ مليو آھي جنھن تي مثبت چارج آھي.
بليڪ ھول بابت اڳڪٺي آئين اسٽائين 1916ع ۾ ڪئي ھئي جنھن جي تصديق 1960ع ۾ ڪئي وئي. بليڪ ھول جو منھن جنھن کي ورام ھول ٿا چون ان لاءِ آئين اسٽائن چيو تہ ان جي ٻئي پاسي وائٽ ھول ھوندو. جيڪو ھر شئي ٻي ڪائنات يا ٻي ڪھڪشان ڏانھن ٻاھر ڪڍندو ھوندو.
آئين اسٽائين ڪششِ ثقل جي لھرن جي بہ اڳڪتي ڪئي ھُئي تن جي بہ 2015 تصديق ٿي چڪي آھي.
روشني جي رفتار ڪائنات ۾ سڀ کان تکي رفتار آھي جيڪا ھڪ سيڪنڊ ۾ ٽي لک ڪلو ميٽر آھي. چنڊ اسان کان ٽي لک چوراسي ھزار ڪلو ميٽر پري آھي يعني اسان کان سوا نوري سيڪنڊ پري آھي ۽ اسان ڪائنات ۾ سوا نوري سيڪنڊ ئي پنڌ ڪري سگھيا آھيون ھيستائين..
روشني جي رفتار سان سفر ڪيون تہ بہ اسان جي ڪھڪشان مان نڪرڻ لاءِ اسان کي ٽيھ ھزار سال لڳندا… ھوئين روشني جي رفتار جيترو جھاز رياضي ۾ ممڪن آھي پر فزڪس ۾ مونجھارا آھن جنھن تي ڪم ھلي پيو..
آئين اسٽائين خلائي وڪڙ جي ڳالھ بہ ڪئي آھي جنھن کان ڪم ورتو وڃي تي بہ ھم ھلندڙ آھي..
اصل مُدو اھو آھي تہ اسان کي زميني بجاءِ ڪائناتي مخلوق ٿيڻ گھرجي ۽ تارن بابت، سج منڊل بابت پنھنجن خيالن ۾ ۽ پنھنجن ٻارن ۾ بطور موضوع ڪچھري ڪرڻ گھرجي. اسڪولن ڪاليجن سرڪلن ۾ انھن ڳالھين تي ڳالھ رکجي. جيئن تخيل ۽ تصور کي وسعت ملي. آئين اسٽائين چيو آھي تہ ڄاڻ کان اھم تصور ڪرڻ جي طاقت آھي.
اسٽيفن ھاڪنگ ڪافي دفعا ان ڳالھ ۾ شڪ ڏيکاريو تہ اسان جيئن ڪائنات کي سمجھون ٿا اھا ايئن واقعي طبعي قانونن تحت ڪم ڪري ٿي يا اسان جي ذھن جو پيدا ڪيل فريم ورڪ آھي سمجھڻ لاِ؟ واقعي ڪائنات آھي يا ڪنھن نقل (Simulation) ٺاھيو آھي؟
ھارورڊ يوينورسٽي جو فزڪس جو پروفيسر ايوي ليوب بہ يا علي مدد ڪري ڪافي دفعا اعلان ڪري چڪو آھي تہ ھيءَ ڪائنات نقل آھي..
آمريڪي جاپاني پروفيسر ميچيو ڪاڪو وري پنگو ئي ٻيو ڪيو ويٺو آھي تہ جڏھن بگ بينگ ٿيو ھوندو تہ لازمي ناھي ھڪ ئي ٿيو ھجي! 🤔
ھيءَ ڪائنات ھڪڙن طبعي قانونن سان ٺھي آھي تہ ٻي ڪائانت يا ڪائناتون ٻين طبعي قانونن سان ٺھيون ھونديون.
اھا اسٽرنگ ٿيوري آھي جيڪا ڪوانٽم تي ٿي آڌاري… پر اڃان فلسفي نمان سائنسي مفروضو آھي.
جيڪڏھن ايٽم کان بہ ننڍي ذري مان ھي سڀ ٺھيو آھي تہ پوءَ اصل ديوانا سائينسدان آھن يا صوفي؟
سائنس فلسفي ۽ صوفيت کان وڌيڪ حيرت وارا تخيل ڏنا آھن ويھن صديءَ دوران انھن مان ابتي ڪائنات جيڪا ھتان جي قانونن جي ڀيٽ ۾ ابتي ھوندي.
ماڻھو پوڙھو ٿي ظاھر ٿيندو عمر پوئتي ويندي واپس، جواني پوءِ ٻار پوءِ توانائي بڻجي گم ٿي ويندو. وقت پوئتي ويندو. اڳم زخم ڀرجندا ٿيندا پوءِ… ماڻھو ھلندا نہ پر آسمان ۾ اڏامندا ڇو جو ڪشش گرھن تي نہ پر خلا ۾ ھوندي…
اڳم ڇُٽبو ڪبو پوءِ …. ( مذاق 😃)
سڀ اُٻتو ڪيو بس…
وري جوڙيوال ڪائنات جو تصور اھو بہ صفا عجيب آھي.
پر سڀ کان اھم ۽ آخري سوال فرض ڪيو تہ ھي سمورو مادو خيال ۾ آھي يا نقل آھي يا مختلف طبعي قانونن واريون ڪائناتون آھن مڃيوسون !!!
پر آھي تہ سھي نہ ؟ آھي تہ وجود پنھنجين خاصيتن سان نہ ؟ ان کي ڪيميائي طبعي خاصيتيون تہ آھن نہ ؟
ڊبويا مجھ ڪو ھوني ني نا ھوتا مين تو ڪيا ھوتا ؟ ( غالب )
ھاڻي اصل معاملو اھو آھي تہ ھن ڪائنات جي شروعات بگ بينگ وارو پل بہ سمجھ ۾ نٿو اچي نہ ئي ڪائنات مٿين سطح تي ان جون وسعتون ٿيون سمجھ ۾ اچن نہ ئي وري صفا ننڍي ايٽم واري ماڳ مڪان ئي صحيح سمجھ ۾ ٿو اچي انڪري بابا بُلي شاھ چيو ھو علمو بس ڪرو يار…
پر ھڪڙا ديوانا آھن علم جا جيڪي ھزارن ۾ آھن جيڪي ناسا ايسو ۽ سرن ۾ رات ڏينھن لڳا پيا آھن ….
بس نہ ڪبي ڇو جو ان وجود سان سڌو تعلق آھي اسان جي وجود جو منھنجي وجود جو توھان جي وجود جو !!

سلام انڙ

سلام انڙ سائنس ۽ سماج سان دلچسپي رکندڙ نوجوان آھي جيڪو سائنس تي انتھائي مفيد ۽ تحقيقي مقالا لکندو آھي .

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button