
پاڪستان ۾ اهڙين نوجوان ڇوڪرين کي ويڪسين ڪرڻ جي پويان ڪهڙي حڪمت عملي آهي ۽ هن وقت هي مهم شروع ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
ان سوال جي جواب ۾ صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ٻڌايو ته پاڪستان 2030 تائين دنيا جي گهٽ ۾ گهٽ 90 سيڪڙو ڇوڪرين کي سروائيڪل ڪينسر کان بچائڻ لاءِ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي مهم جو به حصو آهي.

هو چوي ٿو ته ‘پهرين مرحلي ۾، هي مهم سنڌ، پنجاب، اسلام آباد ۽ (پاڪستان جي انتظام هيٺ) ڪشمير ۾ شروع ڪئي پئي وڃي. پهرين مرحلي ۾ اسان جو ٽارگيٽ 9 کان 14 سالن جي عمر جي 1.3 ملين ڇوڪرين کي ويڪسينيشن ذريعي سروائيڪل ڪينسر کان بچائڻ آهي، جڏهن ته سڄي پاڪستان لاءِ اسان جو ٽارگيٽ 1.8 ملين ڇوڪرين کي هن خطرناڪ ڪينسر کان بچائڻو آهي.
مصطفيٰ ڪمال موجب اها ويڪسين ڇوڪرين کي انجيڪشن جي صورت ۾ ڏني ويندي. اسلام آباد ۾ سمورن اسڪولن، پرائمري هيلٿ سينٽرن ۽ ٻين مقرر ڪيل پوائنٽن تي ڇوڪرين کي ويڪسين ڪئي ويندي.



