زراعت ۽ ڪاروبارصحت

چچڙ جانورن ۽ انسانن ۾ بيمارين جو وڏو سبب

ڀواني شنڪر ميگهواڙ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد

چچڙ رت چوسيندڙ آرٿروپوڊ آهن، جيڪي مال مويشن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انسانن لاءِ به تمام خطرناڪ آهن۔ دنيا ۾ چچڙ جون ٽي اهم خاندانون آهن: سخت چچڙ (Ixodidae)، نرم چچڙ (Argasidae)، ۽ ناياب Nuttalliellidae، جنهن جي دنيا ۾ صرف هڪ ئي نسل موجود آهي۔ هي خاندان وچين خصوصيتن وارو آهي، جيڪو سخت ۽ نرم ٻنهي چچڙ جي وچ ۾ ارتقائي طور تي پل جو ڪم ڪري ٿو۔ سخت چچڙ جانورن جي چمڙي تي ڊگهي وقت تائين چنبڙي رهندا آهن، جڏهن⁠ تہ نرم چچڙ رات جي وقت ٿوري وقت لاءِ رت چوسيندا آهن ۽ ڀتين يا ڇتين جي درزن ۾ لڪي رهندا آهن۔

سڄي دنيا ۾ تقريباً 900 قسمن جا چچڙ موجود آهن، جن مان لڳ ڀڳ 700 قسمون سخت چچڙ (Ixodidae) جون ۽200 قسمون نرم چچڙ (Argasidae) جون آهن۔ پاڪستان ۾ تقريباً 40 کان وڌيڪ قسمون چچڙ جون سڃاتي ويون آهن، جن مان اهم نسلون آهن: Hyalomma anatolicum، Rhipicephalus microplus، Haemaphysalis bispinosa، Dermacentor marginatus ۽ Argas persicus۔ هي نسلون خاص طور تي ڳئون، مينهن، ٻڪرين، اُٺن ۽ ڪڪڙن ۾ عام آهن۔

هيٺين سنڌ ۾، جتي موسم گرم ۽ نمي سان ڀرپور آهي،چچڙ سڄو سال سرگرم رهندا آهن۔ اهي جانورن مان رت چوسين ٿا ۽ بيماريون جهڙوڪ بابيسيوسِس (Babesiosis)، ٿيليريوسِس (Theileriosis) ۽ ايناپلازماسِس (Anaplasmosis) ڦهلائين ٿا، جيڪي جانورن ۾ بخار، ڪمزوري، رت جي کوٽ ۽ کير جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجن ٿيون۔

انساني صحت لاءِ به چچڙ خطرناڪ آهن، ڇو⁠تہ اهي ڪرائيمين-ڪنگو هيومريجڪ فيور (CCHF)، لايم بيماري (Lyme Disease) ۽ ريلئپسنگ فيور (Relapsing Fever) جهڙيون بيماريون منتقل ڪن ٿا۔ هي بيماريون جان ليوا ٿي سگهن ٿيون، تنهنڪري احتياط ضروري آهي۔

چچڙ جي سڃاڻپ لاءِ سندن بناوٽ تمام اهم آهي۔ سخت چچڙ وٽ چمڪدار سخت خول (Scutum) هوندو آهي، جڏهن⁠ تہ نرم چچڙ جي چمڙي نرم ۽ چمڙي جهڙي هوندي آهي۔ انهن جي سڃاڻپ سان بيمارين جي ڪنٽرول لاءِ صحيح حڪمتِ عملي اختيار ڪري سگهجي ٿي۔

تحفظ ۽ حل:

* جانورن کي صاف ۽ سڪي جڳهن تي رکو۔
* باقاعدي طور چچڙ ڪنٽرول اسپري (Acaricide) استعمال ڪيو۔
* مال مويشي جي ڇتين ۽ ڀتين کي صاف ۽ سڪل رکو، جتي نرم چچڙ لڪندا آهن۔
* هر مهيني جانورن جو معائنو ڪيو وڃي ته چَچَرَ نه هجن۔
* متاثر جانورن کي فوراً ويٽرنري ماهر ڏيکاريو وڃي۔

ماهرن جو چوڻ آهي ته صفائي، باقاعده علاج ۽ وقت سر حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان چچڙ تي قابو پائڻ ممڪن آهي۔ چَچَرَ نه رڳو مال مويشن لاءِ پر انساني صحت لاءِ به خطرو آهن، تنهن ڪري انهن جو ڪنٽرول زرعي ۽ صحت جي کاتن ٻنهي لاءِ انتهائي ضروري آهي۔

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button