خيرپور ناٿن شاھه (رپورٽر) خيرپور ناٿن شاھه ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز مطالبن جي مڃتا لاءِ 125 هين ڏينهن به احتجاج ڪيو، مختلف شهرن کان آيل سوين ليڊي هيلٿ ورڪرز نور بانو ملاح، فاطمه ملاح، رخسانا عباسي، پروين کوکر، مختيار بروھي، حوا خاتون، زاهدا خاتون، بيگم ڪولاچي، بينظير ناريجو ۽ سنڌو ملاح جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙن سان گڏ بک هڙتال ڪرڻ بعد تعلقي اسپتال کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهچي مين روڊ تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي هنن چيو ته هر روز پنهنجيون ڊيوٽيون ايمانداري سان پنهنجن علائقن ۾ ادا ڪرڻ ان بعد اسين پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال ڪنديون آهيون پر سنڌ حڪومت کي اسان نياڻين جو احتجاج نظر نه پيو اچي، هنن چيو ته 23 سال گذرڻ باوجود ريگيولر ملازمن جهڙيون سهولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن، اسان کي هر مهيني پگهار نٿي ڏني وڃي، هنن چيو اسين ايمانداري سان پنهنجون ڊيٽيون ڪنديون آهيون پر اعليٰ ايوانن ۾ ويٺل نمائندن کي اسان نِياڻين جواحتجاج نظر نه پيو اچي، هنن چيو ته جيستائين اسان جا جائز مطالبا منظور نٿا ڪيا وڃن تيستائين احتجاج جاري رکنديون سين، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کان رليز ٿيل ڊفرنس جا پئسا جاري ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي سروس بوڪ نٿا ڏنا وڃن، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته سمورن ملازمن کي 1994 جي سينارٽي ڏني وڃي، تعليم ۽ سينارٽي مطابق گريڊ ڏنا وڃن.
