ميڪسيڪو سٽي (م ڊ ) گريبين مگوروز ۽ ٽيميا بيوس جي کٽڻ جو سلسلو برقرار رکندي مونٽري اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي . تفصيل موجب ميڪسيڪو ۾ جاري ويمنز سنگلز مقابلن جي پهرين سيمي فائنل ۾ اسپينس رانديگر ۽ اڳوڻي عالمي نمبر هڪ گريبين مگوروز رومانيه جي اينا بوگيڊين کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏني . سندس کٽڻ جو اسڪور 0-6 ۽ 5-7 رهيو ٻين سيمي فائنل ۾ اٽالين رانديگير ٽيميا بيوس آمريڪا جي ساشاوڪري کي دلچسپ مقابلي کان پوءِ 6-1،2-1 ۽ 2-6 تان هارائي ڪري فائنل تائين رسائي هاصل ڪئي .
