ممبئي (م ڊ ) بالي وڊ اداڪار عامر خان کي بالي وڊ فلم انڊسٽري م 30 سال مڪمل ٿي ويا آهن . ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب عامر خان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1988 ۾ فلم قيامت سي قيامت تڪ سان ڪئي هئي ، هاڻي هن کي بالي وڊ فلم انڊسٽري ۾ 30 سال مڪمل ٿي ويا آهن . هن چيو ته اداڪاري منهنجي سڀ کان وڏي طاقت آهي پر مان ڪڏهن به ناڪامي کان خوفزده ناهيان ٿيو ڇو ته زندگي ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي ٿيندي رهندي آهي . عامر خان اڄڪلهه اميتابچن سان گڏ فلم ٺگز آف هندوستان جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.