ڪوالالمپور (م ڊ ) ملائشين مارڪيٽ ۾ پام آئل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو . جنهن جو سبب متبادل ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ۽ پام آئل جي ملڪي پيداوار ۾ اضافي جو امڪان آهي ، برسا ڊيرويٽو ز ايڪسچينج ۾ پام آئل جا آگسٽ لاءِ سودا 0.41 سيڪڙ وڌي ڪري 2439 رنگٽ (613.28 ڊالر ) في ٽن ۾ طئي ٿيا . ايڪسچينج ۾ پام آئل جي 25 ٽن وزن جي حامل ڪل 26414 لاٽن جو ڪاروبار ٿيو.