ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) بلاول هائوس جو اڳوڻو ترجمان غلام قادر سخت بيمار ٿي پيو آهي کيس خانگي اسپتال ۾ آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا پنهنجي مڙس جي سخت بيماري سبب دعائن جي درخواست ڪئي آهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شهلا رضا پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته منهنجو مڙس غلام قادر انتهائي نگهداش شعبي جي وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي سڀني کي درخواست آهي ته ان لاءِ دعا ڪن شهلا رضا جي ٽوئٽ تي ردعمل ۾ صارفين ۽ ڪيترن ئي مشهور شخصيتن دعا ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
