لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال پي ايس 12 لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي. مخالفن کي عوام رد ڪندو. هن چيو ته عام چونڊن ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 200 تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي جنهن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏياري کيس تاريخي ڪاميابي ڏياري ويندي.