نئين دهلي ( م ڊ ) ڀارت ۾ هڪ تقريب دوران گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 6 ماڻهو اجل جو شڪار۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا .ميڊيا رپورٽن مطابق اتر پرديش جي اعظم ڳڙه واري علائقي راني ۾ منعقد تقريب ۾ شريڪ مهمانن لاءِ کاڌو تيار ڪيو پئي ويو ته ان دوران گيس سلينڊر زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن پوري گهرکي وڪوڙ ۾ آڻي ڇڏيو . ماڻهن جو وڏو تعداد خوف سبب گهرن مان نڪري آيو جڏهن ته دونهين سبب ڪيترائي ماڻهو بيهوش ٿي ويا امدادي ٽيمن زخمين کي ضلعي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جٿي 2 ٻارن سميت ءَ عورتون فوت ٿي ويون جڏهن ته زخمين مان ٻن جي حالت ڳڻي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي .