لاهور (م ڊ ) نيب بيورو لاهور چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال کي نواز شريف جي ويجهو 23 بيروڪريٽس جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي، نيب جي ترجمان موجب هي قدم انهن بيوروڪريٽس پاران ڪرپشن جي مختلف ڪيسن ۾ پنهنجي اختيارن جي ناجائز استعمال تي کنيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته انهن بيوروڪريٽس جي نالن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته کين ملندڙ مراعتن جو تفصيل گڏ ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب جن بيورو ڪريٽس جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي انهن ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري صحت جو سيڪريٽري علي خان خان، قائد اعظم سولر پاور پلانٽ جو سي اي او نجم شاهه، پيران گون سٽي جو فنانس ڊائريڪٽر فرحان علي ۽ شهزاد وحيد، لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي سٽي جي حصيدار ملڪ آصف، ميان طاهر جاويد، عبدالرشيد، عهيد، شاهد صادق ۽ ابراهيم ڀٽي شامل آهن، ٻين ماڻهن ۾ پاور ڊولپمينٽ ڪمپني جو سي اي او سيد فرخ شاهه، گجرانوالا ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني جو سي اي او وسيم اجمل، خالد مجيد، رانا محمد عارف، جميل احمد، ڊي سي او اوڪاڙا ۽ اڳوڻو چيئرمين فيصل آباد انڊسٽريل ڪمپني محمد قاسم شامل آهن، ان کانسواءِ محمد لطيف، اسلم خان، علي باجوا نالي بيورو ڪريٽس جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، نيب ترجمان موجب ننڪانا صاحب ۾پاڻي جي منصوبي ۾ 18 ڪروڙ رپين جي مبينا ڪرپشن، منڊي فيض آباد ۾ پاڻي جي فراهمي منصوبي ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ۽ شاهه ڪوٽ ۾ سيوريج منصوبي ۾ 5 ڪروڙ رپين جي مبينا ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيل چيف انجنيئر شاهد اظهار جي خلاف ڪرپشن روڪٿام کاتو ۽ هڪ انٽليجنس ايجنسي جاچ ڪري رهيا آهن، هن جو چوڻ هو ته ڄاڻايل ڪرپشن جي حوالي سان اطلاع آهن ته اهو ڪرپشن حمزه شهباز طرفان ڪئي وئي ۽ شاهد اظهار ان جي فرنٽمين طور ڪم ڪري رهيو هو.
