اسلام آباد(م ڊ ) اليڪشن ڪميشن چئني نگران وڏن وزيرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي عام چونڊون پر امن شفاف ۽ غير جانبدار نموني منعقد ڪرائڻ لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سڀني اميدوارن کي امن امان جي سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بنائين. آچر تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح محمد طرفان پنجاب جي نگران وڏي وزير ڊاڪٽر حسن عسڪري کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 25 جون 2018ع تي نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس، جنهن ۾ سڀني وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين، آءِ جيز ۽ نگران وفاقي وزير ۽ گهرو سيڪريٽري شرڪت ڪئي. ان اجلاس ۾ سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ اميدوارن کي درپيش سيڪيورٽي خطرن جو جائزو ورتو ويو هو. پر ميڊيا رپورٽن مطابق اميدوارن کي هيسائڻ جون خبرون سامهون ايون آهن. ملتان ۽ نارووال ۾ ان قسم جا واقعا پيش ٿيا آهن جن جي روڪٿام لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن جي اها ذميواري آهي ته اها چوندون منعقد ڪرڻ ۽ انتظامن لاءِ ايمانداري ۽ شفافيت سان گڏ قدم کڻي، اهو آئيني مينڊيٽ رڳو ان صورت ۾ حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن امن امان جي صورتحال سازگار هجي. هن هدايت ڪئي ته آئين جي آرٽيڪل 220 تحت پوليس ۽ انتظاميه شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي.
