ٺٽو (ڊ ر) اين سي ايڇ ڊي جي ملازمن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نور نبي، بلاول، اسد خشڪ، خليل کتري، حميد خليفو، قادر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پتلن کي ساڙي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي اين سي ايڇ ڊي ٺٽو جي اڳواڻن چيو ته اين سي ايڇ ڊي پاڪستان جي سمورن ملازمن سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن، اين سي ايڇ ڊي پاڪستان جا سمورا ملازم گذريل 67 ڏينهن کان اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته هڪ طرف ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف ملازمن کي نه مراعتون ٿيون ملن ۽ نه ئي اپ گريڊ ملي سگهي آهي، هنن الزام هنيو ته سياسي بنيادن تي ڪانٽريڪٽ تي نوان ملازم ڀرتي ڪري سندن حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، هنن چيو ته اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين 75 سالن جي زرينا عالم غيرقانوني طور تي ويٺي آهي، جيڪا روزانو 2551 ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جون ڌمڪيون پئي ڏئي، هنن گهر ڪئي ته فورن اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين کي هٽائي سندن جائز مسئلا حل ڪري ملازمن کي پريشاني کان بچايو وڃي، ان موقعي تي اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين زرينا عالم ۽ جي ايم مير جعفر ساجد جا پتلا ساڙيا ويا.