ميروخان (رپورٽر) ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه واري علائقي ۾ گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ مهمان ٿي آيل 2 نينگريون سڙي فوت ٿي ويون ۽ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمي ٻارن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو
رات دير سان مڱڻھار برادري جي ڪکاون ميڻ بتي مان گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ورهين جي نينگري سعيده ۽ ٽن سالن جي نينگري صغريٰ مڱڻهار سڙي فوت ٿي ويون.
باهه دوران 30 سالن جو محمد علي، ٻن ورهين جي ڪبريٰ ۽ ڏيد سال جو الله بچايو مڱڻهار سڙي زخمي ٿي پيا، جن مان ٻنهي ٻارن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي عمر واري زخمي محمد علي کي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.
متاثر گهرڀاتين جو چوڻ هو ته گهرن کي باهه ميڻ بتي مان لڳي، گهر ڪکاوان هجڻ ڪري باهه ڏسندي ئي ڏسندي ٽن گهرن کي وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ننڊ ستل ٻار سخت متاثر ٿيا، ٻڌايو پيو وڃي ته سڙي فوت ٿي ويل نينگريون لاڙڪاڻي جي ڪوثر مل پاڙي جون رهواسي هيون، مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ ميروخان آيون هيون.