حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ڪنڊيارو جي ڳوٺ منگريو سانول جي رهواسڻ تسليم ڌي زاهد منگريو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي رضا خوشي سان نجيب الدين منگريو سان پرڻو ڪيو آهي جڏهن ته پسند جي شادي ڪرڻ تان سندس والد ۽ ٻيا مائٽ جاني دشمن ٿي ويا آهن. هن چيو ته مائٽن پاران ڌمڪيون ملڻ سبب هو پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.