ميهڙ(ويب ڊيسڪ) ڪڪول واه جي آبادگارن جو 226 هين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ تي آبادگار بچايو جدوجهد ڪاميٽي ڪڪول واه جي ڪنوينر سڪندرسوڍر ، قاسم خاصخيلي ، معشوق ڀٽي ، سرور سوڍر ، محمد کوسو ، شبير ملاح ، منير سوڍر ، عبدالرحمٰن بروهي ، غلام نبي سوڍر ، صالح بروهي ، حاجي ايوب مهيسر ، ڄام تيوڻو ، خان ڏيپر، نعمان ڀٽي ، عمر تيوڻو ، محمد علي سوڍر ، معشوق کوسو ، شوڪت سومرو ، دين محمد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج جاري رهيو ان موقعي تي هنن چيو ته ڪڪول واه متعلق پاڻمرادو نوٽيس تي تڪ جا با اثر سياسي ڌريون رنڊڪ آهن جنهن ڪري مڪمل طور عمل نه پيو ٿئي هاڻي ٻيهر قبضن ڪرائڻ ۾ ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جو چيئرمين ملوث آهن جن کي سياسي سرپرستي حاصل آهي هنن چيو ته ڄاڻي واڻي ميهڙ شهر جو گندو پاڻي ۽ مئل جانور وجهرائي ۽ لٽرائي رهيا آهن ۽ ڪڪول واه جي مين موري تي مارڪيٽ ڪاميٽي جي چيئرمين مڇي وارن ، مرغي وارن ، سبزي وارن هٿان قبضا ڪرائي ڪڪول واه کي لٽرائي رهيو آهي هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ، پاڪ فوج ، رينجرز ، انساني حقن جي تنظيمن ، صحت جي عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته ڪڪول واه متعلق سپريم ڪورٽ جي ورتل نوٽيس تي مڪمل طور عمل نه ٿيڻ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ سارين جا اگهه مقرر ڪرائي 1200 روپيه مڻ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو آبادگارن چيو ته 15 آڪٽومبر آچر جي ڏينهن انوکو احتجاج پڻ ڪيو ويندو.