حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ماسٽر ڊگري پروگرامز 2018ع ۾ داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ڏيندڙ ڪامياب اميدوارن جي ٻي عارضي ميرٽ لسٽ پڌري ڪئي ويئي آهي، جيڪا سيد غلام مصطفيٰ شاهه ايڊمنسٽريشن بلاڪ (اي سي ٽو) جي ٻاهران لڳائي ويئي آهي، ان کانسواءِ اها لسٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيشل ويب سائيٽ تي پڻ موجود آهي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته داخلا في جمع ڪرائڻ لاءِ چالان فارم 17 نومبر 2017ع کان حاصل ڪري سگهجن ٿا. في جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 24 نومبر 2017ع مقرر ڪئي وئي آهي.