ترڪي ۾ ملڪ گير آپريشن دوران 21 دهشتگرد مارجي ويا
استنبول(م ڊ) ترڪي ۾ جاري ملڪ گير آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز 21 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. ترڪ نشرياتي اداري گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل بيان جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته دهشتگردن خلاف جاري ملڪ گير آپريشن ۾ گذريل هڪ هفتي دوران 1 هزار 338 ڪارروائيون ڪيون ويون آهن جن ۾ 21 دهشت گرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا آهن. ان کان سواءِ آپريشنز دوران 236 گهربل ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.