حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري سنڌي لينگوئيج اٿارٽي ۾ پبليڪيشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ڇپيل ڪتابن بابت راءِ وٺڻ، رهيل ڪتابن جي جلد ڇپائي مڪمل ڪرائڻ، گذريل گڏجاڻي ۾ ٿيل فيصلن تي ڪيل عمل جي رپورٽ پيش ڪرڻ، قادر بخش بيدل بيڪس ۽ سچل سرمست جي شاعري واري لغت تي بحث سميت ٻيا مامرا غور هيٺ آندا ويا، جڏهن ته اجلاس ۾ ثمينا گل، غلام حسين رنگريز، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، مدد علي سنڌي، نور محمد جهنجهي، اسحاق سميجو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، ان دوران سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪيل پيش رفت جو پڻ جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ شامل ايجنڊائن گذريل اجلاس جي ڪارروائي تي ٿيل عمل، گڏجاڻي جي ڪيل فيصلن جي عملي رپورٽ پيش ڪرڻ، اداري پاران شايع ٿيل ڪتابن تي راءِ وٺڻ، ادبي ڪئلينڊر جي تياري، سنڌي ٻولي ۾ ٿيل پي ايڇ ڊي جي ٿيسز جي ڊائريڪٽري ۽ ٻين ايجنڊائن تي بحث پڻ ڪيو ويو.
