ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ شاهراه فيصل تي پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان مصود جي قبر کوٽڻ کان پوءِ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو جنهن لاءِ ٽيم پنجاب جي علائقي ساهيوال ويندي شاهراه فيصل ٿاڻي جي حد ۾ ڪارساز ويجهو 20 جنوري تي پوليس مقابلي ۾ پوليس فائرنگ ۾ رڪشا ۾ سوار مقصود مارجي ويو هو جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿي ويو هو شرعاتي طور تي پوليس ان کي شاهراه فيصل تي ڦرلٽ ڪندڙ ٽولي جو فرد ڄاڻايو هو ان کان پوءِ پوليس سمورو تفصيل ٻڌائڻ کان پوءِ پنهنجو موقف تبديل ڪري ان کي عام شهري سڏيو هو واقعي کان پوءِ پوليس وارثن کي حراسان ڪيو ۽ لاش پوسٽ مارٽم کان سواءِ ئي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ ميت پنجاب جي علائقي ساهيوال جي مقامي ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪئي ويئي هئي مقصود جا وارث ڪراچي آيا ۽ عدالتي ڪارروائي کان پوءِ 18 فيبروري تي پوليس جي خلاف ڪيس 18/91 داخل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا مقتول جي والد شيرمحمد جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر ۾ جن پوليس اهلڪارن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو اهي ضمانت تي آهن هاڻي مقتول جي والد شيرمحمد درخواست ڏني ته سندس پٽ مقصود کي لڳل گولي پوليس جي سب مشين گن جي هئي جيڪا پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ سبب لاش مان نڪري نه سگهي هئي درخواست گذار پٽ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پوليس ذريعن موجب ان ڏس ۾ جاچ ڪندڙ ٽيم پنجاب جي گهرو کاتي کي خط لکيو ويو ۽ پوليس پنجاب جي علائقي ساهيوال جي مقامي ڳوٺ ويندي جتي قبر کوٽي مقصود جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو.
