ممبئي(م ڊ) بالي ووڊ فلم ”ريس 3“ جو پهريون موشن پوسٽر جاري ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار سلمان خان ٽوئيٽر تي هدايتڪار ريموڊي سوزا جي فلم ”ريس 3“ جو موشن پوسٽر شيئر ڪندي ٻُڌايو آهي ته فلم جي رليز ۾ 3 مهينا رهيل آهن، جيڪا هلندڙ سال جون ۾ رليز ٿيندي. فلم ۾ سلمان خان، جيڪولين فرنينڊس، انيل ڪپور، بوبي ديول، ڊيزي شاهه ۽ ثاقب سليم مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
