بيجنگ(م ڊ) چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس شي جن پنگ کي ٻئي مدي لاءِ به صدر چونڊي ورتو آهي. سرڪاري ميڊيا مطابق ڪانگريس جي سمورن 2977 ماڻهن شي جن پنگ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. گذريل آچر تي چيني ڪانگريس صدر ۽ نائب صدر جي عهدي جو مدو ختم ڪرڻ جو قانون منظور ڪيو هو تنهن ڪري هاڻي سي جن پنگ تاحيات چيني صدر رهي سگهي ٿو. ان کان علاوه شي جي انتهائي ويجهي ساٿي وانگ چي شان کي تاحيات نائب صدر بنايو ويو آهي.
